ڏگو غريب الله

ڏگو غريب الله

ڏگوغريب الله

ڏگو، غريب الله: غريب الله ڏگي جو جنم 6 فيبروري 1957ع تي جمال شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو احمد نواز آهي. استاد احمد نواز غلام حسين ٻوڌراڻي جو نياڻو به آهي. غريب الله گهڻو وقت سنڌ جي ناليواري موسيقار استاد غلام عليءَ سان گڏ رهيو آهي ۽ خاص ڪري پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر جي پروگرام ’پرک‘ ۾ نال وڄائيندو رهيو آهي. 1981ع ۾ ثقافت کاتي پاران عراق، ورلڊ ڪلچر شو ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ ويو، ان دور ۾ عراق جو صدر صدام هو، عراق جي ٽوئر ۾ استاد محمد يوسف ۽ عزيز بلوچ سميت ٻيا ڪيترائي گائڪ ويا هئا، جتي غريب الله ڍولڪ وڄائڻ جا فرض سرانجام ڏنا.
غريب الله هڪڙو نئون ساز به ايجاد ڪيو آهي. هي ساز قديم سازن جو هڪ جديد روپ چئي سگهجي ٿو. سنڌ جي نامور دانشور ۽ محقق محمد ابراهيم جويي هن ساز کي تمام گهڻو ساراهيو آهي ۽ هن ساز جو نالو ’گهڙولي‘ رکيو ويو آهي. هن ساز کي سنڌ جي ماڻهن تمام گهڻو پسند ڪيو
آهي ۽ سندس تخليقڪار کي داد ڏنو آهي. غريب الله جو ايجاد ڪيل هي ساز هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۽ حضرت قلندر شهباز ڪانفرنس جي موقعي تي وڄايو ويندو آهي.
غريب الله خان، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موسيقيءَ واري شعبي ۾، هن ساز وسيلي، موسيقار طور پنهنجون خدمتون ڪافي عرصي کان سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو